زيب النساء ملاح

زيب النساء ملاح

زيب النساء ملاح

زيب النساء ملاح: فنڪشنل مسلم ليگ (ليڊيز ونگ) سنڌ جي نائب صدر زيب النساء ملاح ڳوٺ موليڏني مير بحر تعلقي ۽ ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هيءَ اڃا ستين ڪلاس ۾ هئي ته سندس شادي پنهنجي ماسات سان ٿي وئي ۽ سندس پڙهائيءَ جو سلسلو ٽٽي ويو. ٽن ٻارڙن جي ماءُ ٿيڻ کانپوءِ هن وري تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙي تنظيم ٺاهي سماجي ڪمن کان ڪئي. هن 1994ع ۾ شاديءَ کانپوءِ پنهنجي سهري ۽ ماءُ کان اجازت وٺي ’ماروي‘ نالي سماجي تنظيم ٺـاهي، سندس ماءُ به ڳوٺ ۾ سماجي ورڪر طور سرگرم رهي. جڏهن ته سندس سهري سماجي ڪمن سان گڏوگڏ لوڪل گورنمينٽ سسٽم ۾ به نمائندگي ڪئي، 2000ع ۾ جڏهن پرويز مشرف ضلعي حڪومتن وارو نظام متعارف ڪرايو ته زيب النساء ملاح به يوسي جي ڪائونسلر لاءِ فارم ڀرايو، پر عمر 25 سال نه هئڻ ڪري چونڊ وڙهي نه سگهي. ان کانپوءِ هن سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. 2005ع وارين بلدياتي چونڊن ۾ هي تعلقي ڪائونسل حيدرآباد جي ميمبر ٿي ۽ هن ڪافي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. زيب 2002ع ۾ ستين پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي ۽ پوءِ مسلم ليگ فنڪشنل ۾ باضابطه طور شموليت اختيار ڪئي. شروعات ۾ هن کي ليڊيز ونگ ضلعي حيدرآباد جو صدر مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر ٿي. ائين اڳتي وڌندي هو ليڊيز ونگ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري مقرر ٿي، هيءَ هن وقت ف ليگ جي ليڊيز ونگ سنڌ جي نائب صدر آهي. زيب النساء عمري جي سعادت لاءِ سعودي عرب پڻ وئي. جڏهن ته اين. جي. اوز طرفان هوءَ بنگلاديش مان به ٿي آئي آهي. زيب النساء عورتن جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪيترائي سماجي ڪم ڪري چڪي آهي، کيس سماجي خدمتن جي اعتراف طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. جڏهن ته پي. ٽي. وي پاران سنڌ جي ڪامياب عورتن جي حوالي سان’زيب النساء ڪي ڪهاني‘ ڊاڪيومينٽري پڻ نشر ٿي چڪي آهي.


لفظ زيب النساء ملاحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو